پشاور-04 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، عوام کي خيبر پختونخوا ڪابينا ۾ تبديلي جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز ناهن، صوبائي حڪومت کي درخواست آهي ته نوجوانن جي مستقبل سان نه کيڏي ۽ يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز اچڻ ڏيو، هن چيو ته صوبي ۾ 26 يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز ناهن. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي ??سي??بلي جو اجلاس چ??ر ڀيرا معطل ٿي چڪوآهي، وڏو وزير ??سي??بلي اجلاس ۾ شرڪت کان پاسو ڪري رهيو آهي، ان صورتحال مان لڳي رهيو آهي ته هو ??سي??بلي جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت حاصل ناهي رهي، ان لاءِ بهتر آهي ته وڏو وزير صوبائي ??سي??بلي مان اعتماد جو ووٽ وٺي. هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر تصديق ڪئي ته ڪابينا ۾ ردوبدل جي حوالي سان سمري کيس ملي آهي پر سمري تي ص??يح ڪرڻ ۾ ڪا جلدي ناهي ۽ نه ئي هن ان تي قانوني ماهرن سان مشاورت ڪئي آهي.
صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری