اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آه?? ته زراعت کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ??رجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ تحت زرعي شعبي ۾ هڪ هزار ماهرن جي چين ۾ تربيت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير ۽ خوراڪ و زراعت واري وزارت جي اعليٰ اختيارين ??رڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته زراعت کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ??رجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي هڪ هزار ماهرن کي چين موڪليو پيو وڃي، جديد رخن تي هموار ڪرڻ زراعت جي شعبي ۾ تربيت حاصل ڪندا. هن چيو ته اسان وٽ بهترين وسيلا موجود آهن، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪري سگهجي ٿو، اميد آه?? ته تربيت لاءِ چين ويندڙ هڪ هزار ماڻهو ملڪ ۾ زرعي انقل??ب جا معمار بڻجندا. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زرعي شعبي ۾ ترقي وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل آهي، زراعت جي شعبي جي هدف کي حاصل ڪيو ويندو، زراعت ۾ روايتي طريقي واري پوک کي تبديل ڪيو ويندو.
زراعت کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری