اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سندس سالگ??هه تي مبارڪباد ڏيندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته آئون توهان سان گڏجي چين پا??ستان اسٽريٽجڪ تعاون جي فروغ ۽ سي پيڪ جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. چيني صدر چيو ته پا??ستان ۽ چين اسٽريٽجڪ حصيدار آهن، ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪيو ۽ سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. اسان جي لاڳاپن تي مٽجڻ وارو عالمي منظرنامو ڪڏهن به اثرانداز ناهي ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي صدر شي جن پنگ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سندس سالگ??هه تي مبارڪباد وارو خط موڪليو آهي. چيني صدر پاران خصوصي طور تي موڪليل اهو خط پا?? چين سفارتي لاڳاپن جي مضبوطي طرف هڪ غيرمعمولي اڳڀرائي آهي. خط ۾ چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته توهان جي سالگ??هه تي توهان کي مبارڪباد ۽ توهان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. پا??ستان ۽ چين ڏکئي ۽ سٺي وقت جي اسٽريٽجڪ تعاون جا حصيدار آهن. تاريخ گواهه آهي ته ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪيو ۽ سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهڙو مضبوط رشتو قائم ٿيو جنهن تي تبديل ٿيندڙ عالمي منظرنامو ڪڏهن به اثرانداز ناهي ٿيو. هلندڙ سال جون ۾ توهان چين جو ڪامياب دورو ڪيو، جنهن ۾ اسان جي وچ ۾ خوشگوار خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ٿيو. چين پا??ستان لاڳاپن جي مضبوطي منهنجي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. توهان سان گڏجي چين پا??ستان اسٽريٽجڪ تعاون جي فروغ ۽ سي پيڪ جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيون. خط ۾ چيني صدر چيو ته توهان سان گڏجي ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون ۽ هن جديد دور ۾ پا??ستان ۽ چين جي ماڻهن جي وچ ۾ گهري لاڳاپن سان هڪ گڏيل مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. توهان جي لاءِ سٺي صحت ۽ ه?? قدم تي ڪاميابي جي تمنا آهي.
چين جي صدر شي جن پنگ پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سندس سالگرهه تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی