اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي واضح طور تي رد ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغانستان جو بيان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ناقابل قبول ۽ مذمت جوڳي مداخلت آهي. هن چيو ته افغانستان جي ع??ور?? حڪومت کي هڪ جمهوري ملڪ تي ليڪچر ڏيڻ بدران پنهنجا ملڪي مسئلا پاڻ حل ڪرڻ، شموليت کي ترجيح ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ مذهب جي گمراهه ڪندڙ تشريح بدران عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حق سميت پنهنجي ماڻهن جي ضرورتن ۽ خواهشن جي لاءِ ??وابده ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته افغانستان جي ع??ور?? حڪومت کي دهشتگرد گروپن کي جڳهه ڏيڻ کان انڪار ڪندي عالمي برادري سان ڪيل واعدن کي به پورو ڪرڻ گهرجي جيڪي پاڙيسري ملڪن ۾ امن ۽ سلامتي کي شديد خطرن ۾ وجهي رهيا آهن ۽ اهو ته ان کي افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي دهشتگردي جو مرڪز ٺاهڻ کان روڪڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، ڳالهين ۽ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي ۽ افغانستان سميت سمورين رياستن کان اها اميد رک?? ٿو ته ا??ي ذميواراڻو عالمي طرز عمل ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي پاسداري ڪندا.
پاڪستان پاران افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر، بيان واضح طور تي رد
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب