اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي مالي سال 25-2024ع جي پهري?? ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ ??اڌ جي منظوري ڏيندي فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي. نيپرا ترجمان ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب ڊسڪوز نيپرا کي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي درخواست ڏني هئي، جنهن تي اٿارٽي مالي سال 25-2024ع جي پهري?? ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تي 20 نومبر تي عوامي ٻُڌڻي ڪئي هئي. اٿارٽي ڊيٽا جي جاچ پڙتال کانپوءِ ڊسڪو?? جي صارفين لاءِ پهري?? ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ ??اڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو صرف ڊسمبر جي مهيني لاءِ بلن ۾ لاڳو هوندو، ان کان اڳ مالي سال 24-2023ع جي چوٿي?? ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ صارفين کان ايوريج 1.74 رپيا في يونٽ چارج ڪيو پيو وڃي، جيڪو نومبر تائين لاڳو هو. پهري?? ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ گذريل مالي سال جي چوٿي?? ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي ڀيٽ ۾ 1.54 رپيا في يونٽ صارفين کان گهٽ چارج ڪيو ويندو. ا?? ٽه ماهي جو لاڳو ٿيڻ ڊسڪوز ۽ ڪي اليڪٽر?? جي سمورن صارفين کانسواءِ لائيف لائن صارفين تي هوندو، ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو نوٽيفڪيشن کان پهرين وفاقي حڪومت آگاهه ڪيو ويو آهي.
نيپرا اٿارٽي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل