اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف متني ضلعي پشاور، بازئي ضلعي مهمند ۽ ضلعي ڪرڪ ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ساراهيندي چيو آهي ته فتنه الخوارج جي ملڪ جي امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جا??ي ??يان موجب وزيراعظم آپريشن دوران 19 خارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهي??. و??يراعظم آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن لانس حوالدار عباس علي، نائيڪ محمد نذير ۽ نائيڪ محمد عثمان کي خراج عقيدت پيش ڪي??. و??يراعظم چيو ته فتنه الخوارج جي ملڪ جي امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته مون سميت پوري قوم سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي، سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ جوان ??نه??جي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پاڪ وطن کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي بقاءَ جي خاطر سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جون لازوال قربانيون آهن، مون سميت پوري قوم دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ??نه??جي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ ??بر جي دعا ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون