اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪمرشل بئنڪن جي بدانتظامي ۽ مالياتي دوکيبازي کان شهرين جي بچاءُ ۾ بئنڪنگ محتسب جي ڪردار جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بئنڪنگ محتسب شڪا??تن جي فوري حل جي لاءِ اهم ادارو آهي، صدر 6 بئنڪن کي بئنڪ فراڊ جي 31 متاثر??ن کي 24.136 ملين رپيا ريليف جي فراهمي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ۽ بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف د??خل 31 درخواستن تي فيصلا ڪري ڇڏيا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر فراڊ متاثرين جي حق ۾ بئنڪنگ محتسب جي فيصلن کي برقرار رکيو، اهي فيصلا عوام کي انصاف ۽ فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي صدر جي عزم جا عڪاس آهن. صدر ڪمرشل بئنڪن جي بدانتظامي، مالياتي دوکيبازي کان شهرين جي بچاءُ ۾ بئنڪنگ محتسب جي ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته بئنڪنگ محتسب شڪا??تن جي فوري حل جي لاءِ اهم ادارو آهي. هن چيو ته بئنڪنگ محتسب ڊگهي قانوني طريقيڪار جي بار کانسواءِ متاثر??ن کي وقت سر انصاف فراهم ڪري ٿو. صدر چيو ته عوام بئنڪنگ تڪرارن ۽ فراڊ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بئنڪنگ محتسب جي خدمتن مان فائدو کڻي. صدر يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ پاران د??خل درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ بئنڪ کي هدايت ڪئي ته اها متاثر 12 صارف??ن کي 1 ڪروڙ 15 لک رپيا واپس ڪري. مسلم ڪمرشل بئنڪ جي 10 صارف??ن کي مجموعي طور تي 52 لک کان وڌيڪ رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ پاران د??خل 5 درخواستون پڻ خارج ڪيون ويون جڏهن ته الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ کي متاثر صارف??ن کي 40 لک کان وڌيڪ رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. صدر بئنڪ آف پنجاب جون د??خل ٽي درخواستون پڻ خارج ڪري ڇڏيون ۽ فراڊ کان متاثر 3 صارف??ن کي 23 لک کان وڌيڪ رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر عسڪري بئنڪ لميٽيڊ کي هڪ ڪيس ۾ 490000 رپيا واپس ۽ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي ڪيس ۾ هڪ صارف کي 420000 رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. انهن متاثر??ن کي دوکبياز ماڻهن پاڻ کي بئنڪ جو نمائندو ظاهر ڪري دوکو ڏنو، دوکيباز ماڻهن دوکيبازي تي ٻڌل فون ڪالز جي ذريعي صارف??ن کان بئنڪنگ جا حساس تفصيل حاصل ڪيا. صارف??ن کان ذاتي بئنڪنگ تفصيل حاصل ڪرڻ کانپوءِ صارفين جي اڪائونٽس مان رقم ڪڍرائي وئي. صارفين فراڊ ذريعي هڙپ ڪيل رقم واپس وٺڻ جي لاءِ بئنڪن سان رجوع ڪيو پر ريليف نه ڏنو ويو جنهن تي متاثرين ريليف حاصل ڪرڻ جي لاءِ بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو. بئنڪن محتسب جي فيصلن کي چئلينج ڪندي صدر کي جدا جدا درخواستون د??خل ڪيون. ٻڌڻي ۽ لاڳاپيل رڪارڊ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ حتمي فيصلا ٻڌايا ويا.
صدر پاران 6 بئنڪن کي بئنڪ فراڊ جي 31 متاثرين کي 24.136 ملين رپيا ريليف جي فراهمي جي هدايت، بئنڪنگ محتسب شڪايتن جي فوري حل جي لاءِ اهم ادارو آهي: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری