لڪسمبرگ-17 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي ناڻي واري وزير جينيٽ ييلن چيو آهي ته سندس ملڪ هڪ ئي وقت ٻن محاذن تي جاري جنگين لاءِ مالي مدد فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. برطانوي خابرو اداري اسڪائي نيوز کي انٽرويو ۾ هن چيو ته آمريڪا سمنڊ پار پنهنجي مف??دن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ يوڪرين ۽ اسرائيل ٻنهي جي هڪٻئي سان مدد ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ سندس وٽ چڱا خاصا وسيلا موجود آهن، هن چيو ته آمريڪا يقيني طور تي اسرائيل سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ اسرائيل جي فوجي ضرورتن جي حمايت ڪرڻ جي سٽ سهي سگهي ٿو ۽ اسان روس خلاف ان جي جدوجهد ۾ يوڪرين جي حمايت به ڪري سگهون ٿا ۽ ضرور ڪنداسين، تنهن هوندي به وچ اوڀر ۾ هڪ هڪ وڏي جنگ جي امڪاني معاشي اثرن جو مڪمل ڪاٿو لڳائڻ هن وقت م??ڪن ناهي، آمريڪي ناڻي واري وزير چيو ته اسان کي اسرائيل ۽ يوڪرين ٻنهي لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي انسپيڪٽر جنرل جي آفيس موجب آمريڪا پهرين ئي يوڪرين لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 113 ملين ڊالرن جي ام??اد جي منظوري ڏئي چڪو آهي. واضح رهي ته آمريڪي شهرين ۾ يوڪرين جي فوجي ام??اد لاءِ آمريڪي فنڊن جي فراهمي جي مخالفت ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي.
آمريڪا وٽ يوڪرين ۽ اسرائيل جي مدد لاءِ مالي وسيلا موجود آهن: آمريڪي ناڻي وارو وزير
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا