اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين پ??ڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مالديپ جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو آهي. هن اها ڳالهه مالديپ جي دفاع ۽ قومي سلامتي واري وزير آدم شريف عمر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ مالديپ جو هاءِ ڪمشنر احمد سليم به ان موقعي تي موجود هو. صدر ممنون حسين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پر??ڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن هن ان امر تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن سڀني معاملن تي عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آ??ي.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس