اسلام آباد – پهري?? آگسٽ (اي پي پي) نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ايوان جو سڀ کان وڏو ڪم آهي ته هو پنهنجو ت??دس ۽ عزت بحال ڪ??ي، مخالف ڌر، فوج، انٽيليجنس ادارا، عدليه، ڪاروباري ماڻهن سميت سمورا ادارا هڪ ٻيڙي جا سوار آهن، ٻيڙي ۾ سوراخ ٿيو ته سڀ ٻڏي ويندا. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته قائد ايوان جي چونڊ جي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ تي سمورن ميمبرن جو ٿورائتو آهيان. اهو جمهوري طريقو آهي جيڪو اڄ اختيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پنهنجي پارٽي مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو ٿورائتو آهيان جنهن هن عه??ي لاءِ مون کي موزون سمجهيو. آئون سمورن ووٽ ڏيندڙن جو پڻ ٿورائتو آهيان ۽ مخالف ڌر جو پڻ ٿورائتو آهيان پر سڀ کان اڳ محمد نواز شريف جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي هن عه??ي جي لاءِ نامزد ڪيو، انهن سمورين مخالف پارٽين جو جن اسان جو ساٿ ڏنو اسان کي ووٽ ڏنو، انهن جو ٿورائتو آهيان. پي ٽي آءِ جي قيادت عمران خان ۽ پارلياماني قيادت جو ٿورائتو آهي جيڪي روزانو گارين ۾ اسان کي شامل ڪن ٿا.
ايوان پنهنجو تقدس ۽ عزت بحال ڪري: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania