اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته شاگردن کي سستي ۽ آسان تع??يم جي فراهمي جي لاءِ هائبرڊ تع??يم جي حصي ۾ اضاف?? ڪن، سائبر وار فيئر سان پيدا ٿيندڙ مستقبل جي سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي جديد آءِ ٽي صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. هو ايوان صدر ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي با??ي ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين محمد نعيم، ريڪٽر ??اڪ??ر ناصر مجيد مرزا، ڊينز ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ريڪٽر ??اڪ??ر ناصر مجيد مرزا ملڪ ۾ پيشيوراڻي تع??يم جي فروغ ۾ اداري جي ڪردار ۽ ڪاميابين جي با??ي ۾ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته انسٽيٽيوٽ مختلف شعبن ۾ تعل??مي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪري رهيو آهي، فزڪس ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جهڙن شعبن ۾ 5000 کان وڌيڪ شاگرد تع??يم حاصل ڪري چڪا آهن. صدر انسٽيٽيوٽ جي ڪاميابين خاص طور تي ملڪ جي سائنسي ترقي ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته يونيورسٽيون تحقيق جو ميدان وسيع ڪرڻ ۽ جديد دور جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ شاگردن جي فڪري ترقي تي ڌيان ڏين. صدر يونيورسٽي انتظاميه تي زور ڏنو ته هو شاگردن جو تعداد وڌائي ته جئين هو ملڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، هن چيو ته سٺي شهرت جي عالمي يونيورسٽين جي مهارت، تحقيق مان فائدو کڻڻ لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.
يونيورسٽيون هائبرڊ تعليم جي حصي ۾ اضافو ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری