راولپنڊي – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ملڪي سياست ۾ ايندڙ 120 ڏينهن اهم قرار ڏ??ند?? چيو آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ ايندڙ چونڊون پڻ ڀرپور طريقي سان وڙهندو ۽ ڪاميابي عمران خان جي ٿ??ند??، اليڪشن جي ويجهو ا??ند?? (ن) ليگ جي نئين الائمنٽ هوندي، هي پگڙيون اڇالڻ جو نه نئين سنجيده سياسي سوچ جو وقت آهي، جيڪڏهن اسان سنجيده سياست ڪنداسين ته ملڪ کي اڳتي وٺي وينداسين. انهن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي وومين يونيورسٽي ۾ نئين پوسٽ گريجويٽ بلاڪ جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائ??ند?? ڪيو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته جيڪڏهن افعانستان ۾ ڪو بحران ٿيو ته اسان ان بحران سبب متاثر ٿيڻ کانسواءِ نه رهنداسين، مونکي خوشي ان ڳالهه جي آهي ته عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال کي پڻ سٺي طريقي سان هينڊل ڪيو آهي ۽ افعانستان جي مسئلي کي پڻ بهتر طور تي حل ڪيو پيو وڃي، آئون اهو سياستدان ناهيان جيڪو مهانگائي کان انڪار ڪري، ملڪ ۾ مهانگائي آهي پر انشاءَ ال??ه وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ ان تي ضابطو آڻينداسين ۽ اهي ماڻهو جيڪي اسان جي ادارن خلاف ڳالهائي نمبر وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهي منهن ڀر ڪرندا. پاڪستان جي عظيم قوم، پاڪستان جي عظيم فوج عمران خان جي قيادت ۾ انشاءَ الله بهتر اڳڀرائي ڪندا. الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو ته منهنجي زن??گي ۾ تعليم جو مشن مڪمل ٿي ويو آهي. هن ئي مهيني ۾ راولپنڊي جي ٽين يونيورسٽي وقار النساءِ يونيورسٽي جو افتتاح پنجاب جو وڏو وزير ڪندو. تعليمي پلان ۾ ننڍن علائقن جي چونڊ ڪئي اهي. ڍوڪ حسو، ڍوڪ رتا وغيره ڇاڪاڻ ته انگريز هتان ليبر کڻندو هو ۽ اهو نه چاه??ند?? هو ته هتي تعليم هجي، اڄ رڳو ڍوڪ حسو جي هڪ ڪاليج ۾ پنج هزار شاگردياڻيون علم حاصل ڪري رهيون آهن. راولپنڊي شهر شاگردياڻين جي تعليم جي لحاظ کان ملڪ ۾ پهرين نمبر تي آهي، ان جو ڪريڊٽ عمران خانن ۽ عثمان بوزدار ڏانهن وڃي ٿو. هلندڙ هفتي بهبود اسڪول جو به قبضو حاصل ڪيو آهي ۽ ان کي انٽرميڊيٽ ڪاليج ۾ تبديل ڪيو آهي. ناله لئي منصوبي جو به جلد افتتاح ٿي و??ند??. زن??گي مهلت ڏني ته هڪ آءِ ٽي يونيورسٽي وڌيڪ ٺاهيندس ان بعد اسپتالن کي وقت ڏيندس. 20 وينٽي لينٽر ??ول?? فيملي اسپتال کي ڏنا آهن، وڌيڪ هڪ سو ڊائلاسز مشينون پڻ ڏينداسين. هن چيو ته منهنجي زن??گي جو مشن آهي ته ڪمزور سگهارو ٿئي، ائون به هڪ ڪمزور ماڻهو هئس الله مون کي طاقتور بڻايو. راولپنڊي کي ڪو شڪست نه ٿو ڏئي سگهي ڇو ته راولپنڊي جي نياڻي پڙهيل لکيل آهي. منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته منهنجي شهر جي رڪشا ڊرائيور جي ڌيءَ سي ايس ايس ۾ ??اپ ڪيو آهي. راولپنڊي وومين يونيورسٽي ۾ هڪ هزار شاگردياڻين جي هاسٽل جو انتظام ان لاءِ ڪيو ويو آهي ته هتي ٽيڪسلا، گوجر خان، چڪوال ۽ ٻين علائقن مان به ٻارڙيون تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ا??ند??ون آهن، راولپنڊي وومين يونيورسٽي هاسٽل تي چاليهه ڪروڙ روپي اخرچ آيو، نئين تعليمي بلاڪ تي 13 ڪروڙ خرچ ٿيا. جڏهن ماءَ پڙهيل هوندي ته ايندڙ نسل به پڙهيل هوندو ۽ معاشرو تبديل ٿي و??ند??، استاد جو پيشو پيغمبرن جو پيشو آهي، ان جو اقتصاديات سان تعلق ناهي، اسان کي فخر آهي ته اسان پنهنجي نياڻين کي تعليم جي هٿيار سان ليس ڪيو آهي. ان موقعي تي منشيات جي روڪٿام واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري ايم اين اي شيخ راشد شفيق، راولپنڊي وومين يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل اڪمال، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سميت استاد ۽ شاگردياڻيون موجود هيون. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائ??ند?? وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته 22 تاريخ کان سياست ۾ تيزي ا??ند??، ايندڙ 120 ڏينهن پاڪستاني سياست ۾ انتهائي اهم آهن ۽ ان ۾ انشاءَ الله عمران خان سرخرو ٿ??ند??. هڪ سوال تي هن چيو ته اپوزيشن جي سياسي موت آهي، عام چونڊن ۾ سوا سال رهجي ويو آهي. عمران خان جي اڳواڻي ۾ ايندڙ چونڊون به ڀرپور نموني وڙهنداسين ۽ ڪاميابي عمران خان جي ٿ??ند??. عمران خان جي اڳواڻي ۾ تبديلي آڻينداسين. آئون (ن) ليگ کي ٻن بدران ٽن گروپن ۾ ڏسي رهيو آهيان. اهي ماڻهو عمران خان جي صلاحيتن جو غلط اندازو لڳائي رهيا آهن. سمورن مسئلن کي بهتر نموني ۽ سليقي سان حل ڪيو و??ند??. هن چيو ته طورخم بارڊر بلڪل کليل آهي، چمن بارڊر تي ڪجهه مسئلو ٿيو آهي، ان کي به ٺيڪ ڪنداسين. افغانستان جي سلامتي ۽ امن اسان کي به متاثر ڪندو.
ملڪي سياست ۾ 120 ڏينهن اهم، ايندڙ چونڊن ۾ پڻ ڪاميابي عمران خان جي ٿيندي، ن ليگ جي نئين الائمنٽ هوندي: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔