اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪ?? جا ماڻهو مذهبي، ثقافتي ۽ ڀائيچاري جي رشتن ۾ ڳ??ڍيل آهن، عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موقف رهيو ??هي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عظيم ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مصر جي سفير ڊاڪٽر طارق دردگ سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ڊرامي، فلم، علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر جي فلمن ۽ ڊرامن جو ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڊبنگ سينٽرز کولڻ تي پڻ اتفاق ٿيو ۽ افغانستان جي صورتحال ۽ وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موقف رهيو ??هي، افغانستان ۾ وڏو انساني الميو ??نم وٺي ??هيو ??هي، ان صورتحال ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ??ه افغان عوام جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو، ان ڏس ۾ مصر به پنهنجو ڪردار ادا ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ??ه وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي دوري دوران افغانستان جي مسئلي تي پڻ ڳالهه ڪندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مصر جي سفير چيو ??ه مصر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن ملاقات جي لاءِ وقت ڏيڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ