اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي قومي سل??متي ڪميٽي جو 38 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، راڻاءُ ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، مملڪتي وزير حنا رباني کر، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽ??ف ايدمرل محمد امجد خان نيازي، چيف آف ايئر اسٽ??ف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر، آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سل??متي ڪميٽي واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو. اڳوڻي سفير اسد مجيد ڪميٽي کي پنهنجي ٽيلي گرام جي مواد بابت بريفنگ ڏني. قومي سل??متي ڪميٽي مواد ۽ ڪميونيڪيشن جي جاچ کانپوءِ قومي سل??متي جي گذريل اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي. قومي سل??متي ڪميٽي کي پريميئر سيڪيورٽي ايجنسيز ٻيهر ان ڳاله?? کان آگاهه ڪيو ت?? انهن کي ڪنهن سازش جو ڪو ثبوت ناهي مليو. قومي سل??متي ڪميٽي ڪميونيڪيشن جو جائزو ۽ سيڪيورٽي ايجنسين پاران ملندڙ جائزن ۽ پيش ڪيل نتيجن مان اهو نتيجو اخذ ڪيو ت?? ڪا غيرملڪي سازش ناهي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste