اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، پرڏيهي ڪمپنين کي هر ممڪن سهولتون ڏنيون وينديون. وزيراعظم هواوي مڊل ايسٽ ۽ آفريقا ريجن جي نائب صدر زي زيانگ سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پرڏيهي ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي پاڪس??ان ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هر مڪن سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، موجوده حڪومت جو ارادو آهي ته ايندڙ سالن ۾ پاڪس??ان جي آءِ ٽي شعبي جو روانگي واپار ڏيڍ ارب مان وڌائي 15 ا??ب تائين وڌايو وڃي، ان ڏس ۾ هواوي ڪمپني پاران پاڪس??ان جي نوجوانن کي يونيورسٽي قائم ڪرڻ سميت ٻي ضروري تربيت جي فراهمي سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان روزگار ۾ اضافو ۽ پاڪستاني نوجوانن خاص طور تي عورتن جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته حڪومت اي ڪامرس جي شعبي ۾ عورتن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ انهن کي سازگار ماحول جي فراهمي، تربيت ۽ سرمايو وڌائڻ جي لاءِ خاص ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ هفتي ۾ ٺوس ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن حڪومت جي ان عزم کان آگاهه ڪيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ڪا ڪسر نه ڇڏيندي. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هواوي جي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ۽ پاڪس??ان سان ڊگهي رفاقت تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هواوي جي نائب صدر زي زيانگ وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي پاڪس??ان ۾ هواوي جو دائرو وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پانگ چنزيو پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.
پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں