اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 156 – ون تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل جو چيئرمين ۽ چئني صوبن جا و??ا وزير ڪائونسل جا ميمبر هوندا. وفاق مان منصوبابندي وارو وفاقي ??زير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي ??زير مفتاح اسماعيل، واپار وارو وفاقي ??زير سيد نويد قمر ۽ مواصلات وارو وفاقي ??زير اسعد محمود اقتصادي ڪائونسل جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته پنجاب مان سردار اويس احمد خان لغاري ۽ سنڌ مان سينيٽر نثار احمد کهوڙو جا نالا قومي اقتصادي ڪائونسل جي ميمبر طور منظور ڪيا ويا، خيبرپختونخواهه مان ناڻي وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بلوچستان مان ناڻي وارو سينيئر وزير نور محمد دمڙ بطور ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين، ناڻي وارو سيڪريٽري، اقتصادي معاملن وارو سيڪريٽري ۽ منصوبابندي ڊويزن وارو سيڪريٽري خصوصي دعوت تي قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم سمري تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي درخواست ڪئي هئي. صدر قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي.
صدر قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن