دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان قطر سا?? روايتي ويجهي سياسي لاڳاپن کي جامع اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ ٻطر??ي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، قطر جا سيڙپڪار پاڪستان جي آز??داني ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي زراعت، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر منصور بن ابراهيم الحمود ۽ آفريقا ۽ ايشيا پيسفڪ ريجنز بابت چيف انويسٽمينٽ آفيسر شيخ فيصل ثاني الثاني تي ٻڌل قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد سا?? ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي دنيا جي سڀ کان وڏي خودمختيار ويلٿ فنڊز مان هڪ آهي. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچڻ کان فوري ??وءِ وزيراعظم جي اها پهرين مصروفيت هئي. ڪابينا جا اهم ميمبر ۽ سينيئر عملدار وزيراعظم سا?? گڏ هئا. قطر جي امير جي دورانديش قيادت ۾ قطر جي تيز رفتار اقتصادي ترقي کي ساراهيندي وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان قطر سا?? پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ??ي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ روايتي سياسي لاڳاپن کي هڪ جامع اقصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم شمسي توانائي، هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ، هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مهمان نوازي جي شعبن سميت خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ ٻطر??ي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان جي منفرد ۽ جاگرافيائي ۽ آبادياتي فائدن کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ هڪ وڏي وچولي طبقي جي مارڪيٽ ۽ هنرمند افرادي قوت سا?? پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان جي آز??داڻي ۽ ڪاروبار دوست سيڙپڪاري جي پاليسين کي اجاگر ڪندي وزيراعظم قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي، هوابازي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، ميري ??ائيم، سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن قطري سيڙپڪارن تي پڻ زور ڏنو ته اهي علائقائي رابطي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سا?? پيدا ٿيندڙ موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي کي شفاف ۽ تيزي سا?? معاملن کي اڪلائڻ جي حوالي سا?? مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. لاڳاپيل وزارتن پاران پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، جهاز راني، هوابازي، مهمان نوازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو ويو. وزيراعظم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي دلچسپي کي ساراهيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفان نامزد نمائندا سيڙپڪاري جي لاءِ اهم تجويزن تي عملدرآمد جي حوالي سا?? ويجهي رابطو برقرار رکندا. وزيراعظم منصور بن ابراهيم الحمود ۽ شيخ فيصل ثاني الثاني کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد پاڪستان کي پنهنجي ترجيح قرار ڏيندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.
پاڪستان قطر سان روايتي ويجهي سياسي لاڳاپن کي جامع اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ