اسلام آبا?? – 26 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي خصوصي ماڻهن تي زور ڏنو آهي ته اهي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ضرور ٺهرائين، ان سان انهن کي حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملن??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هن معذورن جي حقن واري ڪائونسل سيڪريٽريٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. خاتون اول کي معذورن جي حقن واري ڪائونسل جي مينڊيٽ ۽ خصوصي ماڻهن کي ڏني ويندڙ خدمتن بابت ٻڌايو ويو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي، خصوصي ماڻهو نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ معذوري سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين، ان سان حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملن??ي. ??يگم ثمينه علوي چيو ته خصوصي ماڻهو پنهنجي ڪوٽا موجب سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، سڄي پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي چرپر آسان بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، بازارن، شاپنگ سينٽرز ۽ عوامي جاين تائين خصوصي ماڻهن جي پهچ وڌائڻي پون??ي. ??اتون اول چيو ته نجي ??عب?? ۾ خصوصي ماڻهن جي نمائندگي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري جو تعاون ضروري آهي.
خصوصي ماڻهو معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ضرور ٺهرائين: بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا