اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ??ي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي ترقياتي منصوبا شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه ??ي ضم ٿيل ضلعن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمب??ي ميمبرن ڪالهه ??ربع ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندڙن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري، قومي اسيمب??ي ميمبرن محسن داوڙ ۽ محمد جمال الدين شامل هئا. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ??ي ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ملاقات ۾ قومي اسيمب??ي ميمبرن وزيراعظم کي بجيٽ جي حوالي سان خيبرپختونخواهه ??وبي جي ضم ٿيل ضلعن جي مسلئن جي حل لاءِ قدمن ۽ ترقياتي منصوبن تي تجويزون ڏنيون. وزيراع??م انهن تجويزن جي آجيان ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ان تي مشاورت ڪري انهن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي ترقياتي منصوبا شامل ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر