اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته نئين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، روانگي واپار ?? آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، محصولن لاءِ نوان ذريعا ۽ وسيلا تلاش ڪيا ويندا. قومي اقتصادي سروي مالي سال 23-2022ع جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا سان گ?? پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ عالمي سطح تي تي جي ڊي پي جي شرح ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آهي، اهڙيءَ طرح عالمي سطح تي مهانگائيءَ جي شرح ۾ 51 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. عالمي واپار ?? تقريبن 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن جي اثرن کان پاڪستان به متاثر ٿيو آهي. جاري مالي سال ۾ زراعت ۽ خدمتن جي شعبي ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. روانگي واپار ?? آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبي ۾ روانگي واپار کي 4 ارب ڊالرن جي سطح تائين وٺي وڃون. محصولن جا نَوان ذريعا ۽ وسيلا ڳوليا ويندا. انهن قدمن سان انش??ءَ الله 3.5 سيڪڙو جي ڊي پي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.
روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيح ۾ آهي، محصولن جا نَوان ذريعا ۽ وسيلا تلاش ڪيا ويندا: ناڻي وارو وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ