اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي)پيشوراڻي تربيت ??ار?? نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪميٽي وزارت ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر عملد??رن تي ٻَڌل هوندي. تعليم ??ار?? وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير چي?? ته علمي، انتظامي ۽ قانوني مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي ان ڳالهه جو تعين ڪندي ته موجوده مسئلن جو ذميدار ڪير آهي، ڪميٽي فوري پنهنجا نتيجا پيش ڪندي جنهن تي سخت ايڪشن کنيو ويندو. هن چي?? ته منهنجي سرونگ ۽ رٽائرڊ استادن سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اردو يونيورسٽي جا سمورا مسئلا مون آڏو رکيا ويا.هن چي?? ته ايڊهاڪ بيسز تي يونيورسٽي نٿي هلي سگهي، مستقل عملي جي ضرورت آهي. هن چي?? ته قانون جي بالادستيءَ سان ئي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو، اسان کي سمورن مسئلن کي اهڙي نموني حل ڪرڻو آهي ته جيئن صورتحال ٻيهر پيدا نه ٿئي.
وفاقي تعليم مدد علي سنڌي پاران اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو نوٽيس، فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں