اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيندي آءِ ٽي، دوائن، تعميرات، غذائي تحفظ ۽ هنرمند افرادي قوت سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل گارڊ سلطنت بحرين جي ??مانڊر جنرل شيخ مح??د بن عيسيٰ بن الخليفه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ??ي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ آءِ ٽي، دوائن، تعميرات، غذائي تحفظ ۽ هنرمند افرادي قوت جي حوالي سان گڏيل تعاون کي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. بحرين جي ??مانڊر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرن ٻطرفن لاڳاپن ??و ذڪر ڪيو ۽ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ انهن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. بحرين ۾ هن وقت 120000 کان وڌيڪ پاڪستاني مو??ود آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
پاڪستان ۽ بحرين ۾ آءِ ٽي، دوائن، تعميرات، غذائي تحفظ ۽ هنرمند افرادي قوت سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی