راولپنڊي -16 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير پاڪستان کي 40 سالن کانپوءِ اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽي ڏيندڙ ارشد ند??م جي ڪاميابي کي قومي فخر قرار ڏنو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چي?? جنرل سيد عاصم منير طرفان قومي هيرو جيولين ٿرو ارشد ند??م جي اعزاز ۾ جي ايڇ ڪيو جي آڊيٽوريم ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ 1984ع جي اولمپڪ ۽ قومي هاڪي ٽيمن جي اولمپيئرز، قومي ڪرڪيٽ ٽيم سميت ٻين راندين جون ٽيمون ۽ ليجنڊري المپيئر، اسٽريٽ فوٽ بال ٽي، آرمي پولو ٽيم، نور کان محروم ڪرڪيٽ ٽيم، ويمنز گول بال ٽيم، ڪامن ويلٿ جي ميڊل ونرز، ايس اي ايف ۽ پئرس المپڪس 2024ع ۽ ايشين گيمز جي شرڪت ڪندڙن سميت قومي ليجنڊ جهانگير خان، اصلاح الدين، شهباز سينئر، سهيل عباس، محمد آصف ۽ اعصام الحق به ان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. آرمي چي?? پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ۽ نئون اولمپڪ رڪارڊ ٺاهڻ تي ارشد ند??م کي ساراهيو ۽ هن ارشد ند??م جي ڪاميابي کي قومي فخر قرار ڏيندي چي?? ته ارشد ند??م پنهنجي عزم، استقامت ۽ بهترين ڪارڪردگي جي جذبي سبب ميڊل کٽيو، پوري قوم ارشد ند??م کي ان ڪارنامي کي ساراهيو آهي، آرمي چي?? رانديگرن جي مڪمل سپورٽ ۽ کين بااختيار بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. آرمي چي?? خوشحال پاڪستان جي مقصدن کي حاصل ??رڻ لاءِ نوجوانن جي سپورٽ جي عزم کي به ورجايو، محنت ۽ عظمت جي اهميت تي زور ڀريو. ارشد ند??م آرمي چي?? جنرل سيد عاصم منير جو ٿورو مڃيو ۽ چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪاميابي حاصل ??رڻ ۾ محنت ۽ ثابت قدمي جي اهميت تي زور ڀريو.
ارشد نديم جي ڪاميابي قومي فخر آهي: آرمي چيف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی