ماسڪو-02 نومبر (اي پي پي) روس جي صدر ولادي ميرپيوٽن جامع اي??مي تجربن تي پابندي جي معا??دي سي ٽي بي ٽي جي توثيق کي رد ڪري ڇ??يو. اي اي?? پي مطابق روسي صدر گذريل ڏينهن هڪ قانون تي صحيح ڪئي جنهن ۾ روس طرفان جامع اي??مي تجربن تي پابندي جي معا??دي ڪمپري هنسيو نيوڪليئر ٽيسٽ بين ٽريٽي (سي ٽي بي ٽي) جي توثيق کي رد ڪري ڇ??يو آهي. 1996ع جو اهو معاهدو اي??مي هٿيارن جي لائيو تجربن سميت سمورن اي??مي ڌماڪن کي غير قانوني قرار ڏي ٿو. حالانڪ اهو معاهدو آمريڪا ۽ـ چين طرفان ڪڏهن به توثيق حاصل نه ڪرڻ سبب ڪڏهن به لاڳو نه ٿيو. ان معا??دي کي رد ڪرڻ جو بل گذريل مه??ني روس جي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن کي هڪ تيز رفتار عمل سان منظور ڪيو ويو. پارلياماني ٻُڌڻين دوران رياست ڊوما جي اسپيڪر ويا چسلا وولوڊن چيو ته معا??دي کي رد ڪرڻ جي قدمن جو اي??مي هٿيارن جي باري ۾ رياست هاءِ متحده جي مذاق بدتميز روين جو جواب آهي. جيتوڻيڪ هي ڪڏهن به لاڳو نه ٿيو پر اي??مي طاقتن فرانس ۽ برطانيه سميت 178 ملڪن ان معا??دي جي توثيق ڪئي ۽ ان جي علامتي اهميت آهي. سندن حامين جو چوڻ هو ته هن اي??مي هٿيارن جي سڌيءَ ريت تجربن خلاف هڪ بين الاقوامي معيار قائم ڪيو، پر ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته وڏي اي??مي طاقتن جي توثيق کانسواءِ معا??دي جي صلاحيت غير حقيقي آهي. پيوٽن جي پهرين مُدت جي صدر بڻجڻ جي 6 مه??نن کانپوءِ روس جي پارليامينٽ جون 2000ع ۾ ان معا??دي جي توثيق ڪئي هئي.
روس جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي جي توثيق رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز