جده- 01 جنوري (اي پي پي) سعودي ??رب جي امداد ۽ انساني خدمتن بابت شاهه سلمان مرڪز جي امدادي ايجنسي امدادي سامان جون وڌيڪ 16 ٽرڪون رفح ڪراسنگ ذريعي موڪلي ڇڏيون. سعودي پريس ايجنسي موجب شاهه سلمان مرڪز غزه لاءِ هلايل عوامي مهم تحت متاثرن کي کاڌي پيتي جي شين، دوائن، طبي لوازمات ۽ عارضي پناهگاهن لاءِ سامان موڪلي رهيو آهي. ياد رهي ته سعودي امدادي مهم دوران هن وقت ت??ئي?? 172 ٽرڪ امدادي سامان کڻي رفح ڪراسنگ ذريعي غزه پهتا آهن. سعودي ??رب طرفان غزه جي متاثرن لاءِ عوا??ي عطين واري مهم ۾ هن وقت ت??ئي?? 600 ملين ريال کان وڌيڪ جي رقم جمع ٿي چڪي آهي. شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي هدايت تي غزه لاءِ عوا??ي عطيا مهم جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ