رياض – 08 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب مان غزه جي عوام لاءِ امدادي سامان جو 38 هون جهاز مص?? جي العريش بين الاقوامي ايئرپورٽ پهچي ويو آهي. العربيا نيوز مطابق جهاز تي 23 ٽن خوراڪ، ط??ي امداد ۽ خيمن سان لاڳاپيل سامان آهي. اهو سامان شاه سلمان ريليف جي سهڪار سان پهچايو ويو آهي. ان کان اڳ پڻ انساني بنيادن تي ان ئي قسم جو سامان غزه موڪليو ويو آهي. ان ئي دوران سعودي فنڊ ريزنگمهم تحت هن وقت تائين غزه جي ??لس??يني عوام لاءِ 161 ملين ڊال?? جي رقم جمع ڪئي وئي آهي. اها امدادي مهم گذريل سال 2 نومبر کان شاه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي خاص هدايت تي شروع ڪئي وئي هئي. ان فنڊ ريزنگ مهم لاءِ 1.37 ملين سعودي شهرين فنڊنگ ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر