اس??ام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پرويز مشرف جي وطن واپسي جي خاطري تي حڪومتي ادارن کي ??ارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي، 600 اي س?? ايل ڪيسز ڪابينا جي منظوري لاءِ موڪليا ويا آهن، ڪالهه جمعي ڏينهن گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب وفاقي گهرو وزير احسن اقبال صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پرويز مشرف نه آيو ته خصوصي عدالت جي ??يص??ي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو، هن چيو ته نواز شريف خاندان ۽ اسحاق ڊار جا نالا اي س?? ايل ۾ وجهڻ جو ڪيس ڪابينا ڏانهن موڪليو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي 2016ع جي ??يص??ي جي روشني ۾ اي س?? ايل جي سمورن ڪيسن جي ڪابينا کان منظوري لازمي آهي، هن چيو ته چوڌري نثار جي دور ۾ طريقيڪار ۾ تبديلي ٿيڻي هئي جيڪا نه ڪئي وئي ۽ پراڻو طريقيڪار جاري رهيو، گهرو وزير چيو ته چوڌري نثار جي دور جي سمورن ۽ تازن اي س?? ايل جي ڪيسن ۾ منظوري ڪابينا کان ڪرائي ويندي، هن چيو ته گهرو وزارت جا فيصلا ڪٿي ٻي جاءِ تي نٿا ٿين پر آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪيا وڃن ٿا.
پرويز مشرف وطن واپسي جي خاطري ڪرائي آهي: گهرو وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado