??جا?? آباد – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي صرف سياسي استحڪام سان ئي ممڪن آهي، اسان هر طرح جو نظام آزمايو آهي ج??هن سان سـٺا نتيجا حاصل ناهن ٿيا، پاڪستان صرف جمهوريت جي اندر ئي اڳتي وڌندو، پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنج سالن ۾ اربين روپين جا ترقياتي منصوبا نه رڳو شروع ڪيا پر مڪمل ڪرايا ج??هن جو 65 سالا تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، ملتان – سکر موٽر وي جي ملتان ??جا?? آباد حصي جي تڪميل سان علائقي جي عوام صرف ڪجهه ڪلاڪن ۾ لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد پهچي سگهندي جيڪو مقرر مدي کان هڪ سال اڳ مڪمل ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم ملتان، سکر 294 ارب روپين جي لاڳت واري منصوبي جي ملتان کان ??جا?? آباد حصي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II