اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان هڪ جمهوري جدوجهد جي ذريعي وجود ۾ آيو ان جي بقاءُ سلامتي، يڪجهتي، ترقي ۽ خوشحالي جو راز به جمهوريت ۾ ئي لڪل آهي، آئين جي س??بل??دي ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ کانسوا??ِ ڪامياب نٿا ٿي سگهون، هن اها ڳالهه پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ جمعي ڏينهن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏينهن 78 سال پهرين جي ان عظيم ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ ۽ هڪ آزاد مسلمان رياست قائم ڪرڻ جو پرعزم فيصلو ڪيو هو، هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن لاهور جي تاريخي اجلاس ۾ مسلم ليگ قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ اها تاريخ ساز قر??داد منظور ڪئي وئي ج??ڪا بعد ۾ قر??رداد پاڪستان جي نالي سان مشهور ٿي، ان قر??رداد منزل جو واضح شعور ڏنو ۽ صرف 7 سالن کانپوءِ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان