اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي فلسطيني عوام تي اس??ائ??لي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي هڪ متفقه قرارداد جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، او آءِ سي ۽ انسا??ي حقن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فلسطين تي اس??ائ??ل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي رو??را??ڻ جي لاءِ فوري طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، فلسطينين جي نسل ڪشي، انهن جي پنهنجي علائقن مان جبري بيدخ??ي ۽ فلسطين جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي عمل کي فوري طور تي روڪيو وڃي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اس??ائ??لي حڪومت پاران فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشي جي ڏوهه جي جاچ جي لاءِ آزاداڻو انڪوائري ٽربيونل قائم ڪري. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فلسطين تي اس??ائ??لي جارحيت جي خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪندي چيو ته هي ايوان اس??ائ??ل پاران فلسطين جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ معصوم فلسطيني عوام تي منظم ظلم ۽ ڏاڍ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.
قومي اسيمبلي پاران فلسطيني عوام تي اسرائيلي جارحيت خلاف متفقه قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria