اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ا??ڪسپورٽ تي خصوصي ڌيان جي ڪري حڪومت پي??او??ر ۽ ايڪسپورٽ بيسڊ گروٿ تي ڪم ڪري رهي آهي، 22 -2021ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ روانگي واپار 7 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، جيڪو گذريل سال 21 -2020ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ 5.47 ارب ڊالر هو، روانگي ا??پار ۾ 28 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن مهيني ڪپهه جي پي??او??ر 100 سيڪڙو وڌي 3.8 ملين ڳٺڙين تائين پهچي وئي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ اها پي??او??ر 1.8 ملين ڳٺڙيون هيون، ان سان نه رڳو پاڪستان کي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ جي ڊي پي گروٿ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر اسان جي روانگي واپار ۾ به نمايان اضافو ٿيندو، هن چيو ته ماضي ۾ اسحاق ڊار جي ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ مصنوعي گروٿ سان ملڪ ڏيوالپڻي جي ويجهو پهتو، هن چيو ته ن ليگ جي پنج سالن واري حڪومتي دور ۾ پاڪستان جو روانگي واپار وڌڻ جي بدران گهٽ ٿي ويو پاو?? لومز ڪٻاڙي جي اگهه تي وڪرو ٿي رهيون هيون.
حڪومت پيداوار ۽ ايڪسپورٽ بيسڊ گروٿ تي ڪم ڪري رهي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار