اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بدقسمتي سان ڀارت تي هڪ اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عالمي ذميوارين جو ادراڪ نه آهي، نريندر مودي هٽ??ر جي نظريي تي ڪاربند آهي، هو ڀارت ۾ هندوتوا نظريو مڙهڻ چاهي ٿو، مودي حڪومت جي غيرذميواراڻي، غيرقانوني ۽ جابراڻي پاليسين جي ڪري اڄ خطو ڪيترن ئي موقعن کان محر??م آهي، ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جو واحد رستو آهي. ڪشمي?? سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ ڪشمي?? سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، پوري پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي، اسان کي پڪو يقين آهي ته ڪشميري عوام ڀارت جي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي جي خلاف ان جرئتمنداڻي جدوجهد ۾ سرخرو ٿيندي. هن چيو ته اسان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نريندر مودي هٽ??ر جي نظريي تي ڪاربند آهي، هو ڀارت ۾ هندوتوا نظريو مڙهڻ چاهي ٿو، مودي حڪومت جي غيرذميواراڻي، غيرقانوني ۽ جارحاڻي پاليسين جي ڪري اڄ خطو ڪيترن ئي موقعن کان محر??م آهي، بدقسمتي سان ڀارت ۾ هڪ اهڙي حڪومت قائم آهي جنهن کي عالمي ذميوارين جو ادراڪ نه آهي، اهي انتهاپسند ماڻهو آهن ۽ آر ايس ايس جي فلسفي جي تمام ويجهو آهن. هن چيو ته ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جو واحد رستو آهي.
بدقسمتي سان ڀارت تي هڪ اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عالمي ذميوارين جو ادراڪ نه آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : راکی