اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ ازب??ست??ن اقتصادي، واپاري، سائنس، تعليم، انفارميشن ۽ مذهبي سياحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٽرين رابطن تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس ۾ ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف سان نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان ازب??ست??ن سان پراڻن لاڳاپن کي مستحڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل هڪ سال ۾ پا??ست??ن ۽ ازب??ست??ن جي وچ ۾ واپار ۾ 50 سيڪڙو جڏهن ته گڏيل منصوبن ۾ پنجوڻ تي اضافو ٿيو آهي. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ پڻ رابطا وڌيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان ازب??ست??ن سان افغانستان جي رستي رابطا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت ۽ واپار ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ٽرين رابطن تي پڻ اتفاق ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افغانستان جي رستي ٽرين هلندي جيڪا وچ ايشيائي رياستن کي گوادر پورٽ سان ڳنڍيندي. عمران خان چيو ته افغانستان رستي ڪنيڪٽويٽي جو فائدو نه رڳو ازب??ست??ن ۽ پا??ست??ن کي ٿيندو پر وڌيڪ فائدو افغانستان کي ٿيندو. وزيراعظم چيو ته مون ازبڪ صدر کي والاريل ڪشمير جي ص??رت??ال ۽ پا??ست??ن جي موقف کان آگاهه ڪيو، اسان چاهيون ٿا ته گڏيل قومون سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪندي ڪشميري عوام کي خودمختياري جو حق ڏي ۽ اتي ڀارتي ظلمن کي روڪي. وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا جي حوالي سان ازب??ست??ن ۽ پا??ست??ن جو هڪ جهڙو موقف آهي. هن چيو ته اولهه ملڪن جي ٻن سربراهن پڻ اسان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ??ڻ چيو آهي ته پيغمبر ﷺ جي شان ۾ گستاخي کي ڪنهن به صورت ۾ اظهار راءِ جي آزادي قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته ناموس رسالت ﷺ تي مسلمان ملڪن کي گڏجي مهم هلائڻ گهرجي. افغانستان جي ص??رت??ال جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن ۽ ازب??ست??ن افغانستان جي منجمند اثاثن جي بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ازب??ست??ن جي صدر شوڪت مرزايوف مهمان نوازي تي پا??ست??ن جي عوام ۽ قيادت جا ٿورا مڃيندي چيو ته پا??ست??ن اچڻ جو وڏي شدت سان انتظار هو پر ڪورونا جي ڪري دير ٿي. هن چيو ته پا??ست??ن سان اسٽريٽجڪ تعاون جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سان ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه تعميري رهي. هن چيو ته پا??ست??ن جي سياسي ۽ ثقافتي ترقي کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي پروگرام ”نئون پا??ست??ن“ ۽ ازب??ست??ن جي نئون ازبڪ پروگرام ۾ وڏي هڪ جهڙائي آهي. ٻنهي ملڪن ثقافتي شعبن جي بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن ۽ ازب??ست??ن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا تيزي سان وڌي رهيا آهن جڏهن ته انهن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. ترجيحي واپاري معاهدا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. شوڪت مرزايوف چيو ته وچ ايشيا کان مزار شريف ڪابل ۽ پشاور ريلوي جي تعمير تي ويجهي مستقبل ۾ ڪم شروع ٿيندو، ان منصوبي سان وچ ايشيا گوادر پورٽ سان ڳنڍجي ويندو. ازبڪ صدر چيو ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ علائقائي سلامتي جو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو. ازبڪ صدر افغانستان جي خراب ٿيندڙ ص??رت??ال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها انساني بنيادن تي افغانستان جا منجمند اثاثا بحال ڪري ۽ افغانستان کي انساني همدردي جي بنياد تي مدد فراهم ڪرڻ گهرجي. شوڪت مرزايوف چيو ته ٻنهي ملڪن سائنس، تعليم، مذهبي سياحت، سئنيما، انفارميشن سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان کانسواءِ اڄ اسان 10 انتهائي اهم معاهدن تي پڻ صحيحون ڪيون آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي جو سبب بڻجندا. ازبڪ صدر چيو ته ٽرانزٽ معاملن کي حل ڪرڻ جي لاءِ معاهدا ڪيا ويا آهن.
هڪ سال ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار ۾ 50 سيڪڙو جڏهن ته گڏيل منصوبن ۾ پنجوڻ تي اضافو ٿيو آهي: وزيراعظم عمران خان جي ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی