اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي ميگوئل موراتينوس ملاقات ڪئي. ٻنهي ??ڳواڻن جي وچ ۾ بين المذاهب مڪ??لم?? کي مضبوط بڻائڻ، اسلامو فوبيا ۽ ان سان لاڳاپيل عدم برداشت جي رجحانن کي منهن ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته نفرت انگيز بيانيو، ا??تيازي سلوڪ ۽ مسلمانن جي خلاف ??شدد پاڪستان جي پاڙيسريت سميت دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ پکرجي رهيو آهي، اسلامي مشاهير ۽ مقدس جاين جي ڄاڻي واڻي توهين، ا??تيازي قانونن ۽ پاليسين، حجان تي پابندي، مسجدن تي حملا، ا??تهائي ??اٻي پاسي جي پارٽين پاران ملڪ بدر ڪرڻ جي اعلانن جهڙا پرتشدد رويا ڳڻتي جو سبب آهن. هن چيو ته مسلمانن جي نسل ڪشي، مسلم مخالف تعصب ۽ مسلمان عورتن جي عزت تي حملن جهڙن اڻوڻندڙ سماجي روين جي خلاف متفقه هڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ع??لم?? ڏينهن طور نامزد ڪرڻ جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو. گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي ميگوئل موراتينوس او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ??ه يو اين اي او سي کي 2005ع ۾ جوڙيو ويو، ا?? جي بنيادي مقصدن ۾ سمورين ثقافتن، روايتن ۽ مذهبي عقيدن جي لاءِ گڏيل احترام جي واڌويجهه جي لاءِ پليٽ فارم طور ڪم ڪرڻ شامل آهي.
پرڏيهي وزير سان گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر