اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٽن ڏينه?? جي سرڪاري دوري تي ترڪي روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڙپڪاري بورڊ جو وزير چوڌري سالڪ حسين، خصوصي ص??اح??ار طارق فاطمي ۽ فهد حسين به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو آ??ي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو به ترڪي پهچ??دو?? دورو 31 مئي کان 2 جون 2022ع دوران وزيراعظم شهباز شريف جي صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي، جنهن کانپوءِ وفد?? جي سطح تي ڳالهين جو انعقاد ٿي??دو?? پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپ?? جي سڀني رخن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندا، ٻئي اڳواڻ اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان گڏيل خطاب به ڪندا، صدر اردوان وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپ?? جي قيام جي 75 هين سالگرهه به ملهائي پئي وڃي، دوري دوران صدر اردوان ۽ وزيراعظم شهباز شريف گڏيل طور تي يادگاري نشان به جاري ڪندا جيڪو ترڪي ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ غير معمولي ٻطرفن لاڳاپ?? جي ڊگهي تاريخ ۾ ان اهم سنگ ميل جي مناسبت سان تيار ڪيو ويو آ??ي، ترڪي جي پرڏيهي معاملن، واپار ۽ صحت وارا وزير به دوري دوران وزيراعظم سان ملاقات ڪندا، وزيراعظم ترڪي جي مشهور ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان به تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪي جي ڪاروباري برادري جا نمائندا يونين آف چيمبرز ڪموڊيٽي ايڪسچينج (ٽي او بي بي) جو صدر وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏي??دو?? وزيراعظم ترڪي بزنس ڪائونسل فورم ۾ به شرڪت ڪندو، جنهن جو اهتمام ترڪي جي پرڏيهي معاشي لاڳاپن واري بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي سهڪار سان ڪيو ويو آ??ي، وزيراعظم انهن تقريب?? جي دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ترڪ ڪمپني?? جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي، مشهور پاڪستاني ڪاروباري شخصيتون انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪنديون، ان موقعي تي ٻنهي ملڪ?? جي ڪاروباري ماڻه?? جي وچ ۾ (بي ٽو بي) ملاقاتون به ٿينديون.
وزيراعظم شهباز شريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪي روانو
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena