اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايوان صدر ڪشمير معاملن واري وزارت ??ان رابطي ۽ مشاورت کانپوءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين سي??سي نمائندن کي دعوت ڏيندو، اجلاس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بي گناهه مسلمانن جي خلاف ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بين موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير صدر کان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت لاءِ مناسب بجيٽ مختص ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڪشميري پناهگيرن جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي مناسب بجيٽ مختص ڪرڻ جي ضرورت ??هي. صدر ڀارت ??ي نيشنل انويسٽي گيشن ايجنسي جي خصوصي عدالت پاران حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي غير قانوني ۽ سي??سي بنيادن تي عمر قيد جي سزا جي سخ?? مذمت ڪئي، هن ??نس??ني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران والاريل ڪشمير جي مسلمانن ۽ ڀارت ??ي ٻين اقليتن جي خلاف ??نس??ني حقن جي خلاف ورزين جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن.
صدر سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم جي مُلاقات
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا