اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين جي رهائشگاهه ويو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چوڌري شجاعت حسين وزيراعظم کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين ۽ بجيٽ بابت تجويزون ڏنيون ۽ چيو ته اسان سڀني کي گڏجي هن ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻو آهي. وزيراعظم چيو ته چوڌري شجاعت حسين جون تجويزون تمام عوامي آهن ۽ انهن کي ضرور بجيٽ جو حصو بڻائينداسين. هن چيو ته توهان جا ٻئي وزير تمام محنتي ۽ دياندار آهن. ملاقات ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو ??فا??ي وزير طارق بشير چيما، سيڙپڪاري بورڊ وارو ??فا??ي وزير چوڌري سالڪ حسين، ريلوي وارو ??فا??ي وزير خواجه سعد رفيق، پنجاب جو صوبائي وزير ??لڪ احمد خان، مسلم ليگ (ق) جو مرڪزي اڳواڻ چوڌري شافع حسين ۽ (ق) ليگ جي اي?? اي?? اي فرح خان پڻ موجود هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدر چوڌري شجاعت حسين جي گهر آمد، خيريت معلوم ڪئي
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس