اسلام آباد – 19 211; جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان 2018ع ۽ 2021ع جي ايڪشن پلانز کي ڪامياب?? سان مڪمل ڪيو آهي، پاڪستان جي ٽيم کي سخت محنت ۽ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن جي ڪوششن سان پاڪستان فيٽف جي ٻنهي ايڪشن پلانز جي ٽيڪنيڪل ضرورتن کي ڪامياب?? سان پورو ڪيو. پاڪستان پاران فيٽف جي ايڪشن پلانز جي ڪامياب پڄاڻي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گڏيل قومي ڪوششن ۽ سمورن حصيدارن جي گڏيل ڪوششن سان اس??ن اها ڪاميابي حاصل ڪري سگهياسين، ان سان پاڪستاني معيشت تي اعتماد بحال ٿيندو ۽ پائي??ار ترقي ۾ مدد ملندي، فيٽف جي ٽيڪنيڪل ٽيم جو پاڪستان جو دورو خوش آئنده ڳالهه آهي جنهن سان اي ايم ايل/ سي ايف ٽي جي حوال?? سان پاڪستان جي قدمن ۽ ڪاميابين جي عڪاسي ٿئي ٿي. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان حڪومت قومي معيشت جي اس??حڪام جي عظيم تزويراتي مقصد تحت ماليات جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته آئون پراميد آهيان ته فيٽف پاران ان سٺي خبر تي پاڪستاني معيشت ۾ اعتماد بحال ٿيندو ۽ پائي??ار ترقي ۾ مدد ملندي. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان حڪومت عالمي معيارن موجب اي ايم ايل/ سي ايف ٽي جي حوال?? سان اعليٰ سطحي قدم جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. سندس چوڻ هو ته اس??ن فيٽف جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون ۽ اميد آهي ته پاڪستان ڪامياب?? سان جلد کان جلد گري لسٽ مان نڪري ويندو.
پاڪستان 2018ع ۽ 2021ع جي ايڪشن پلانز کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي، پاڪستان جي ٽيم کي سخت محنت ۽ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں