ڪراچي – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت تي زور ڏن?? آهي ته آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي (ايف يو يو اي ايس ٽي) ڪراچي جي م??تق?? وائيس چانسلر جي مقرري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ور??ر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن، وفاقي تعليم واري وزارت جي نمائندي ۽ ايڇ اي سي جي چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ تي زور ڏن?? ته اها ترقين، پگهارن جي عدم ادائيگي، وائيس چانسلر جي مقرري ۽ يونيورسٽي جي ايندڙ سينيٽ جي لاءِ نامزدگي ڪميٽي جي جوڙجڪ بابت معاملن تي سينيٽ جي هر ميمبر ۽ لاڳاپيل ڌ??ين جي راءِ ۽ تجويزن کي نظر ۾ رکندي اتفاق راءِ تي ٻڌل فيصلا ڪري. اجلاس ۾ ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين کي يونيورسٽي جو وقتي وائيس چانسلر پڻ مقرر ڪيو ويو جيڪو م??تق?? وائيس چانسلر جي مقرري تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهندو. وقتي وائيس چانسلر پاليسي سان لاڳاپيل معاملن کي قانوني ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ڏانهن موڪليندو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد کي يونيورسٽي جي م??تق?? وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ جوڙيل سرچ ڪميٽي جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو. ڪميٽي کي مشورو ڏن?? ويو ته اها م??تق?? وائيس چانسلر جي مقرري جي سفارش ڪرڻ جي لاءِ ٽائيم لائين جي بنياد تي اڳي وڌي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چئن مهينن کان??وء?? فيصلن جو جائزو ورتو ويندو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں