اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 19 کان 23 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي اهم خطاب ڪندو، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان کي درپيش چئلينج کي عالمي فورم تي ا??اگر ڪري ماحولياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ خطري کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تجويزن جو ??اڪو پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موق??ي تي عالمي اڳواڻن کي ڪشمير مسئلي سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ا??لاس جي موق??ي تي وزيراعظم آفريقي يونين، يورپي يونين ۽ آمريڪا پاران گڏيل طور تي منعقد ٿيندڙ غذائي تحفظ تي عالمي س??بر??هه اجلاس ۽ ڪوپ 27 تي عالمي اڳواڻن جي ا??لاس ۾ شرڪت پڻ ڪندو. اهي ٻئي ا??لاس عالمي برادري کي درپيش ٻن اهم ترين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدمن تي غور فڪر جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري ۾ مختلف ملڪن جي وزيراعظمن، جنرل اسيمبلي جي صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کانسواءِ عالمي تنظيمن، عالمي مالياتي ا??ارن ۽ فلاحي تنظيمن جي س??بر??هن سان ملاقاتون ڪندو. ان موق??ي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ آمريڪي صدر پاران ڏنل آجياڻي دوران عالمي اڳواڻن کي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندو ۽ هو مختلف تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪندو، هو ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪ سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ جي 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزير ۽ او آءِ سي جي سالياني ا??لاسن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي ا??لاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.
وزيراعظم 19 کان 23 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ