اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سان عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا ۽ صد?? جي پريس سيڪريٽري قمر بشير ايوان صد?? ۾ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران صد?? عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري جي پاڪستان حڪومت جي خدمتن کي ساراهيندي انهن جي مستقبل جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صد?? عهدو ڇڏيندڙ صد?? جي پريس سيڪريٽري جي حيثيت قمر بشير جي خدمتن کي پڻ ساراهيو ۽ کيس اع??ازي شيلڊ پيس ڪئي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب سردار احمد نواز سکيرا پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو هڪ آفيسر آهي جنهن 1985ع ۾ سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي. 16 اپريل 2020ع تي ڪيبنيٽ سيڪريٽري طور فرض سنڀالڻ کان اڳ هو واپار ۽ ٽيڪسٽائيل واري سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ نجڪاري جي عه??ي تي مقرر رهيو. پاڪستان حڪومت احمد نواز سکيرا جي خدمتن جو اع??راف ڪندي کيس 14 آگسٽ 2022ع تي عوامي خدمت جي شعبي ۾ ”هلال امتياز“ جي قومي اع??از سان نوازيو. قمر بشير انفارميشن گروپ جو آفيسر آهي جنهن 1991ع ۾ سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. مئي 2022ع ۾ پريس سيڪريٽري طور فرض سنڀالڻ کان اڳ هو شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، اطلاعات واري وزارت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ پيرس، فرانس ۾ پاڪستان جي پريس قونصلر جي عه??ي تي فائز رهيو.
صدر سان عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا ۽ صدر جي پريس سيڪريٽري قمر بشير جي جدا جدا ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل