اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۽ نيول هيڊڪوارٽرز جي وچ ۾ سالياني اسٽاف ڳا??هه ٻو??هه پرڏيهي آفيس ۾ ٿي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) وائيس ايڊمرل اويس اي بلگرامي ڳا??هه ٻو??هه ۾ لاڳاپيل ڌ??ين جي قيادت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ميري ٽائيم افيئرز جي وزارت پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات پاڪستان جي سامونڊي مفادن بشمول ميري ٽائيم سيڪيورٽي، بليو اڪانومي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، ماحولياتي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي جي ضرورتن بابت هڪ ٺوس جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. بيان موجب سامونڊي م??ئل?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمز ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ مختلف شعبن ۾ عالمي تعاون ۽ صلاحيت وڌائڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي سامونڊي مفاد مڪمل طور تي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ميري ٽائيم ڊومين ۾ سمو??ين لاڳاپيل ڌ??ين جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس قومي ميري ٽائيم پاليسي فريم ورڪ کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان جي سامونڊي ۽ بليو اڪانومي جي صلاحيتن جي ادراڪ ۽ سامونڊي ڊومين ۾ موثر عالمي حصيداري کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ فعال ملڪي ماحولياتي نظام کي تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳا??هه ٻو??هه ۽ هم آهنگي کي گهرو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ڌ??ين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو.
پرڏيهي وزارت ۽ نيول هيڊڪوارٽرز جي وچ ۾ سالياني اسٽاف ڳالهه ٻولهه، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اجلاس جي صدارت ڪئي
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز