اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته پوري قوم شهداءِ پوليس جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي فرض شناس فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، جن شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ شهادت ماڻي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي جنگ جتي پاڪ ??وج جون لازوال قربانيون آهن، اتي پوليس جي جوا??ن پڻ هر موقعي تي دشمن ??ا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائڻ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند عوام پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ڌيڪ چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ملڪ جي انهن سمورن پٽن، ڌيئرن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي پنهنجي ملڪ جي خدمت تي سلام پيش ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن