اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??وج??انوالا بورڊ جي ميٽرڪ جي امتحانن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شا??رد جمشيد علي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي جمشيد علي والده، ان جو استاد وحيد اشرف ۽ ??وج??انوالا بورڊ جو چيئرمين نويد حيدر شيرازي ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وزير راڻا تنوير حسين پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف جمشيد علي کي سندس ميٽرڪ جي امتحانن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي حوصلا افزائي جي لاءِ 10 لک رپيا انعام پڻ ڏنو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جمشيد علي جا ماسٽرز تائين جا سمورا تعليمي خرچ حڪومت برداشت ڪندي، وزيراعظم جمشيد جي لاءِ ماهوار 30 هزار رپيا وظيفي جو پڻ اعلان ڪيو ۽ ان کان واعدو ورتو ته هو ا??تي به تعليمي ميدان ۾ اهڙي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو. وزيراعظم شا??رد خان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جهڙا هوشيار شا??رد پاڪستان جو فخر آهن، توهان جي ڪاميابي ۾ والدين ۽ استادن جي به محنت شامل آهي، توهان پاڪستان جي ٻين شا??ردن جي لاءِ به رول ماڊل آهيو.
وزيراعظم سان گوجرانوالا بورڊ جي ميٽرڪ جي امتحانن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد جمشيد علي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس