اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ 48هين 2 ڏينهن واري عالمي سي??ت النبي ﷺ ڪانفرنس 11 ۽ 12 ربيع الاول (28 ۽ 29 سيپٽمبر) تي اسلام آباد ۾ ٿيندي، اها ڪانفرنس انعام ورهائڻ، سي??ت، نعت ۽ سي??ت النبي ﷺ جي موضوع ??ي مقالن ۽ ڪتابن ۾ مقابلن جهڙن ٻن اهم حصن تي ٻڌل هوندي. هلندڙ سال مقالن ۽ سي??ت ۽ نعت جي ڪتابن ۾ مقابلي جو اعلان فيبروري ۾ ڪيو ويو هو جنهن جو عنوان ”ملڪي معاشي استحڪام جي لاءِ حڪمت عملي، سي??ت النبي ﷺ جي روشني ۾“ هو. واضح رهي ته مقالن ۽ ڪتابن جي مقابلن جي لاءِ وزارت کي مليل سمورن مقالن ۽ ڪتابن کي شروعاتي طور تي وزارت جي سطح تي هڪ ڇنڊڇاڻ ڪميٽي شرطن ۽ ضابطن موجب پرکي ٿي، ان مرحلي ۾ چونڊيل هر ڪتاب ۽ هر مقالي کي گهٽ ۾ گهٽ 3 ماهرن تي ٻڌل ججز جي ڪميٽي کي تفصيلي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ موڪليو ويو، اهي جج ۽ ماهر يونيورسٽين جا پي ايڇ ڊي سطح جا پروفيسرز هوندا آهن. بعد ۾ انهن ماهرن جي رپورٽن کي هڪ اعليٰ سطحي ايپڪس ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي ٿو، اها ڪميٽي هر ڪتاب ۽ مقالي کي ڄاڻايل رپورٽس جي روشني ۾ پرکي فيصلو ڪري ٿي ته ڪهڙو ڪتاب ڪهڙي انعام جو مستحق آهي. ??هڙ?? طرح انعام يافته قرار ڏنل ڪتاب ۽ مقالا سي??ت جو تعين هوندا آهن. هلندڙ سال ڪتابن، سي??ت ۽ نعت جي مقابلي جي لاءِ 137 ڪتاب مليا جن مان انعام حاصل ڪندڙ خوشنصيب ماڻهن جو انگ 31 آهي جڏهن ته 94 سي??ت مقالا مليا جن ۾ انعام حاصل ڪندڙ ماڻهن جو انگ 35 آهي. هن سال ڪل 66 خوشنصيب ماڻهو انعام حاصل ڪن??ڙن ۾ شامل هوندا. انعام حاصل ڪن??ڙن کي يادگاري شيلڊز، سرٽيفڪيٽس ۽ روڪ انعامن سان نوازيو ويندو. مذهبي معاملن واري وزارت معياري مقالن کي ڇپرائي سڄي ملڪ جي يونيورسٽين جي لائبريرين ۽ سي??ت النبي ﷺ جي موضوع ??ي تحقيقي ادارن کي مفت فراهم ڪندي. سي??ت النبي ﷺ ڪانفرنس جا ٻه سي??ن ٿيندا، پهرين سي??ن ۾ مقالن، ڪتابن ۽ سي??ت ۽ نعت جي موضوع ??ي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ پهريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر ايندڙ ليکڪن ۽ شاعرن ۾ انعام ورهايا ويندا. مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ هر سال سي??ت ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي ناليوارا مذهبي اسڪالرز شرڪت ڪندا آهن جنهن جو مقصد عالم سڳورن جي گڏيل ميل جول سان فڪري فاصلن کي گهٽ ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي سمجهڻ جو موقعو فراهم ٿئي ٿو ۽ ان سان مذهبي هم آهنگي، رواداري تي پڻ خوشگوار اثر پون ٿا. ڪانفرنس جي افتتاحي سي??ن ۾ محفل نعت پڻ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ ملڪ جي ناليوارا نعت خوان نبي اڪرم ﷺ جي شان ۾ مدح سرائي ڪندا. ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن مرڪزي تقريب ۾ سي??ت النبي ﷺجي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويندو، موضوع ??ي مناسبت سان اسڪالرز ۽ خطاب ڪندڙ مختلف عنوانن معيشت جو تصوراتي رخ سي??ت النبي ﷺ جي روشني ۾، فلاحي معيشت جو قيام سي??ت النبي ﷺ جي روشني، معيشت ۽ معاشرت جي تعلق جو رخ سي??ت النبي ﷺ جي روشني، معيشت ۽ اخلاق جي تعلق جو رخ سي??ت النبي ﷺ جي روشني ۾، معاشي استحڪام ۾ رياست جو ڪردار سي??ت النبي ﷺ جي روشني، زڪوات ۽ صدقي جو معاشي استحڪام ۾ ڪردار جو رخ سي??ت النبي ﷺ جي روشني ۾، اسلام جو مثالي معاشي نظام جو رخ سي??ت النبي ﷺ جي روشني ۾، معاشي استحڪام جي لاءِ ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت سي??ت النبي ﷺ جي روشني ۾، ڪسب معاش جي فضيلت ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ان جي اهميت سي??ت النبي ﷺ جي روشني ۾، معاشي استحڪام جي لاءِ منصوبابندي جي اهميت ۽ ضرورت سي??ت النبي ﷺ جي روشني ۾ ۽ معاشي استحڪام ۾ عورتن جو ڪردار سي??ت النبي ﷺ جي روشني ۾“ تي خيالن جو اظهار ڪندا.
مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ 2 ڏينهن واري عالمي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس28 کان اسلام آباد ۾ ٿيندي
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن