اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ??ه آئين تحت انصاف جي فوجداري نظام ۾ وڌيڪ سڌارن جي لاءِ قانونسازي جو اختيار رڳو پارليامينٽ جو آهي. نجي ٽي وي چينل ايڪ نيوز جي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده انصاف جي فوجداري نظام تحت سزائن جي شرح انتهائي گهٽ آهي ??يڪا خامين کي ظاهر ڪري ٿي ۽ موثر قانونسازي جي ذريعي خامين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري سگهجن ٿيون. بل??چستان ۾ دهشتگرد گروپن جي موجودگي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نان اسٽيٽ ايڪٽرز کي تشدد جو حق نه ??هي ۽ رياست جي اها ??ميواري آهي ??ه اها ??هڙن دهشتگرد عنصرن جو خاتمو ڪري. هن چيو ته ملڪ ۾ 90 هزار ماڻهو دهشتگردي جو نشانو بڻيا. اها ??ياسي پارٽين ۽ پارليامينٽرينز جي ذميواري آهي ??ه اهي فوجداري نظام انصاف کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪن. هو ان معاملي کي اٿاريندو رهيو آهي. هن چيو ته بل??چستان ۾ پشتون، بل??چ ۽ مختلف آبادڪار ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رهائش پذير آهن. ڪنهن سياسي پارٽي جو اهڙو گروپ نه آهي ??ڏهن ته هڪ اقليتي هٿياربند گروپ پرتشدد سرگرمين ۾ ملوث آهي. آمريڪا، برطانيا، يورپي يونين ۽ سمورن ٻين جمهروي ملڪن اهڙن گروپن کي دهشتگرد قرار ڏنو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته منهنجي ويجهو ڪالعدم ٽي ٽي پي، احرار ۽ بي ايل اي يا بي ايل ايف جي وچ ۾ ڪو فرق نه آهي. اهي ??هشتگرد گروپ تشدد کي دهشت ڦهلائڻ ۽ معصوم ماڻهن جي قتل جي لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪن ٿا. انهن جي دهشتگرد حملن ۾ 2018ع کان هيستائين صوبي ۾ 1038 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. ڪوسٽل هائي وي ۽ تربت پوليس اسٽيشن تي حملن ۾ معصوم ماڻهو ماريا ويا ۽ زندهه ساڙيا. ٻئي طرف سياسي احتجاج ۽ سوچ کي دنيا ميڊيا ۽ اهل دانش پاران ساراهيو وڃي ٿو. دنيا آءِ ايس آءِ ايس کي هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته وچ اوڀر هڪ مُشڪل چئلينج آهي. پا??ست??ن دنيا جي مختلف فورمز تي عالمي برادري کي اهو ٻڌائي چڪو آهي ??ه غزه جي صورتحال ۾ تسلسل ناقابل قبول آهي. فوري سيزفائر سان گڏوگڏ متاثرين جي لاءِ انساني امدادي لنگهه کولڻ ضروري آهي. اهو مسلمان ملڪن سان گڏ پا??ست??ن جو گڏيل موقف آهي. هن چيو ته اسلامي ملڪن جي تنظيم، عرب ليگ ۽ سموري دنيا جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل ٻه رياستي حل جنهن ۾ القدس الشريف جي گادي واري شهر سان گڏ آزاد فلسطين هجي، جي ڳالهه ڪري ٿي، اهو ئي مسلمان دنيا جو به متفقه موقف آهي. هن مختلف عنصرن پاران انهن تي تنقيد تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪندي چيو ته پا??ست??ن فلسطين تي پنهنجي اصولي موقف تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندو.
آئين تحت انصاف جي فوجداري نظام ۾ وڌيڪ سڌارن جي لاءِ قانونسازي جو اختيار رڳو پارليامينٽ جو آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena