اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سينيئر صحافي پرويز شوڪت مرحوم پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي دور ۾ سدائين صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، ميڊيا ورڪرز جي لاءِ مرحوم جي بي لوث خدمتن کي سدائين ياد رکيو و??ندو، ٽيڪنالاجي ج?? تبديلي سان نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن، عوام کي ڄاڻڻ جو حق صحافت آهي، مستقبل جي ميڊيا ڊيجيٽل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) جي اهتمام هيٺ پي ايف يو جي ورڪرز جي صدر، ايپنڪ جي اڳوڻي چيئرمين سينيئر صحافي پرويز شوڪت مرحوم جي ياد ۾ منقعد تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز شوڪت پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي دور ۾ سدائين ميڊيا ورڪرز جي معاشي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، هو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جو مضبوط آواز هو، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافت جي شعبي ۾ سندس بي لوث خدمتن کي سدائين ياد رکيو و??ندو. هن چيو ته پرويز شوڪت هڪ سٺو ۽ مخلص انسان هو، هن پنهنجي زندگي ۾ سدائين صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي ج??گ وڙهي، مرحوم هڪ عظيم ورثو ڇڏيو آهي ج??هن کي ان جي ساٿي اڳواڻن کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي پرويز شوڪت مرحوم جي ڪاميابين تي رشڪ آهي. هن چيو ته پرويز شوڪت جي لاڏاڻي سان پريس ۽ ميڊيا انڊسٽري ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڪڏهن ڀرجي نه ٿو سگهبو. اطلاعا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي تبديل ٿي رهي آهي ۽ نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن جن ۾ ڪجهه مثبت ۽ ڪجهه منفي آهن. هن چيو ته آرٽيفيشل انٽيلي ج??س، وائيس ڪلون??گ، ڊس انفارميشن، پروپئگنڊه جي دور ۾ ميڊيا ورڪرز جي حقن ۽ معاشي مستقبل جو تحفظ ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم آهي ج??هن تي ڪميونٽي ج?? طور تي اسان کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي. هن چيو ته صحافت هڪ مشن ۽ عوام جي ڄاڻڻ جو حق آهي، ان حق جي لاءِ وڙهڻ به صحافت آهي. هن چيو ته مستقبل جي ميڊيا ڊيجيٽل آهي، ميڊيا جي اندر چڪاس جو نظام لازمي جز جي حيثيت رکي ٿو، اسان کي ان نظام ک?? بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اهو نظام ختم ٿي ويو ته صحافت به ختم ٿي ويندي. هن ڊيجيٽل ادارا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي مستقبل جي ٽيڪنالاجي ج?? عالمي رجحانن سان گڏ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته پرويز شوڪت مرحوم پنهنجي دور جي گهرجن کي سامهون رکندي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي حقن جو دفاع ڪيو، اڄ کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو اهو ئ?? بهترين طريقو آهي ته اسان انهن معاملن تي سنجيدگي سان سوچون ۽ موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿيندي اڳتي وڌون. تعزيتي ريفرنس ۾ سينيئر سياستدان فرحت الله بابر، اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ صحافين جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.
سينيئر صحافي پرويز شوڪت پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي دور ۾ سدائين صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس