نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 ارب ڊالر جي آءِ ايم ايف پئڪيج جي منظوري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته جيڪڏهن ائين ئ?? محنت جاري رهي ته هي پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو، پاڪستان جي معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئ?? محنت جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سڌارن جو تيزي سان لاڳو جاري آه??، پاڪستان جي معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئ?? محنت جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو خوش آئنده ۽ معاشي ٽيم ج?? محنت جو واضح ثبوت آه??، سفارت?? محاذ تي ڪاميابين سان گڏوگڏ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو انهن جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي آه?? جنهن تي پاڪستاني برادري جا ٿ??را??تا آه??ون. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ئ?? محنت جاري رهي ته انشاءَ الله هي پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو. وزيراعظم آءِ ايم ايف پئڪيج جي حوالي سان معاونت فراهم ڪندڙ دوست ملڪن خاص طور تي سعودي ع??ب، چين ۽ گڏيل عرب امارات، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ۽ سندس پوري ٽيم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم پوري حڪومتي معاشي ٽيم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، پاڪستان جي چين ۾ سفير خليل هاشمي، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ، ناڻي واري سيڪريٽري جا پڻ ان حوالي سان ڪوششن ۽ محنت تي ٿورا مڃيا. هن سمورين صوبائي حڪومتن خاص طور تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جا پڻ ٿورا مڃيا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران 7 ارب ڊالر جي آءِ ايم ايف پئڪيج جي منظوري تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج