اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وز??ر محسن نقوي سان سعودي عرب جي نائب گهرو وز??ر ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الداود ملاقا?? ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ سعودي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، پيرا ملٽري فورسز، پوليس وفدن جي گڏيل مٽاسٽا ۽ گڏيل ٽريننگ جي معاملن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ قيدين جي مٽاسٽا جي معاهدي تي عملدرآمد تي ??تف??ق ٿيو. اسلام آباد ۾ ٿيل اعليٰ سطحي ملاقات ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد الحمد المالڪي به موجود هو. گهرو وز??ر محسن نقوي اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني جنهن تي سعودي وز??ر ??تف??ق ڪيو. ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته ان حوالي سان وڌيڪ ضروري قدم کنيا ويندا. ملاقات دوران پاڪستان مان فقيرن کي سعودي عرب موڪليندڙ مافيا جي خاتمي جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وز??ر چيو ته 4300 فقيرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سعودي عرب ويندڙ فقيرن خلاف زيرو ٽالرينس پاليسي تي عمل ڪيو ويندو، جڏهن ته فقير مافيا خلاف سڄي ملڪ ۾ اثرائتو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو پيو وڃي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي ??تف??ق ٿيو ته سعودي عرب ۾ قيد 419 پاڪستانين جي وطن واپسي لاءِ قانوني ڪارروائي جلد مڪمل ڪئي ويندي. گهرو وز??ر چيو ته سعودي عرب اسان جو پاڙيسري ڀاءُ ملڪ آهي. ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته سعودي شهرين لاءِ پاڪستان اچڻ تي ڪا به ويزا پابندي ناهي، اهي جڏهن چاهين اچي سگهن ٿا. گهرو وز??ر محسن نقوي سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جي ويزن 2030ع جي پڻ واکاڻ ڪئي. هن چيو ته سعودي عرب جي قيادت 2030ع تائين معاشي، سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ نمايان مقام حاصل ڪندي. ان موقعي تي سعودي عرب جي نائب گهرو وز??ر چيو ته پاڪستان سان انتهائي ويجها لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پيرا ملٽري فورسز ۽ پوليس جي گڏيل مٽاسٽا تي ٻڌل سکيا وارن پروگرامن لاءِ تيار آهيون.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الداود جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا