اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ??لڪ ۾ چونڊ نظام جي جينڊر شموليت لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ جو اعلان ڪيو آهي. جينڊر ۾ اسٽريمنگ اينڊ سوشل انڪلوزن فريم ورڪ (جي ايم ايس آءِ ايف) 2024ع کان 2028ع تائين عمل جوڳو هوندو. اڱاري ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان ??وجب اليڪيشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد خان ان ??وقعي تي چيو ته هي فريم ورڪ ايشيا پيسفڪ خطي ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون منصوبو آهي جيڪو چونڊ عمل ۾ مڪمل جينڊر ۽ سماجي شموليت تي ٻڌل آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل جينڊر ونگ نگهت صديق وضاحت ڪئي ته ان ??نصوبي جو بنيادي مقصد عورتن، ??قليتن، معذور ماڻهن ۽ کدڙن فقيرن لاءِ چونڊ عمل کي وڌ کان ???? شموليتي ۽ پهچ تائين بڻائڻ آهي. ان ??ريم ورڪ ۾ چونڊ قانونن، پاليسين، ??رز عمل جي ج??ئز?? ۽ ترميمن وارا قدم شامل آهن. ان ??اءِ اڪيڊيميا، پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن جي عملي ۽ عورتن جي سياسي حقن بابت تنظيمن سان ??سيع پيماني تي صلاح ڪئي وئي آهي. اه?? ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۾ ڪل ووٽرن ۾ عورتن جو انگ 46 سيڪڙو آهي. اليڪشن ڪميشن جو مقصد پنهنجي انتظامي ڍانچي ۾ جينڊر ۽ سماجي شموليت جي اصولن کي مضبوط ڪرڻ آهي. ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ ايف اي ايس شبير احمد ان اهم قدمن تي اليڪشن ڪميشن کي مبارڪون پيش ڪيون.
اليڪشن ڪميشن پاران ملڪ ۾ چونڊ نظام جي جينڊر شموليت لاءِ جامع فريم ورڪ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil